چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جهڙي طرح فوج کي نشانو بڻائ?? رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي زبان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پاڪستان ۽ فو?? جي خلاف استعمال ڪري ٿو، پهريون ڀيرو مخالف ڌر فوج، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف کي هدف بڻائ?? رهي آهي، ڳالهيون جمهوريت جون ڪن ٿا ۽ فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ چئ?? رهيا آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپيا ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجه?? رهيا آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ سان ان کان وڏي غداري نه ٿيندي. يونيورسٽي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ و??ري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اڄ آئون چڪوال ۾ اهڙا منصوبا کڻي آيو آهيان جن سان معاشرو تبديل ٿيندو آهي.