اسلام آ??اد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين سان پنجاب بار ڪائونسل جي وفد جي ملاقات ڪئي. پنجاب بار ڪائونسل پنهنجون چونڊون بايوميٽرڪ طريقي سان ڪرائڻ لاءِ حڪومت کان سه??لت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت پنجاب بار ڪائونسل کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي سهولت فراهم ڪندي. وڪيل برادري کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي باري ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ علي ظفر سان گڏ بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته حڪومت ۽ وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيان، وڪيلن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ينگ لائيرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.