اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اق??صادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خو??ب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن ??اڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اق??صادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو ??هي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو ??هي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران جي سفير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين ايران جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ??ه بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو ??هي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ايران جي سفير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ??ه سينيٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين جي متو??ع ايران جي دوري جي حوالي سان سفير سينيٽ چيئرمين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.