ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ب??نڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي مارڪيٽ جي تازه ترين رجحانن ۽ مطالبن تي تحقيق ??رڻ جي رجحان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين سان رابطا قائم ڪن. اسلامي ب??نڪنگ بابت چوٿين گول ميز ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته جڏهن يونيورسٽين جا شاگرد اڳ ۾ ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي لاءِ مختلف موضوعن تي مطالعو ڪري رهيا آهن ته اهڙي صورت ۾ تحقيق جي لاءِ جدا ادارو قائم ??رڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته ريسرچ شاگردن کي ب??نڪنگ سيڪٽر پاران رهنمائي ۽ سرپرستي ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن جي ڪوششن کي مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ جديد رجحانن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح بئنڪن کي گهربل تحقيق حاصل ٿيندي جڏهن ته شاگردن کي وڌيڪ لڳاءُ سان ڪم ??رڻ جي ترغيب ملندي. هن چيو ته ڪنهن شخص جي موت جي فوري پوءِ دولت ۽ ??لڪ??ت جي وراثت جي منتقلي پڻ اسلام جي تعليم جو روح آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي شرعي تعميل جي قدمن تي پڻ زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي ب??نڪنگ سيڪٽر پاران عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي مدد جي لاءِ قرضن جو هڪ حصو وقف ??رڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهي ملڪ جي پائيدار ترق?? ۾ ??ثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين شريعه بورڊ اسلامڪ بئنڪنگ ڊويزن مفتي محمد نجيب خان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻيا معزز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته اسلامي ب??نڪنگ سسٽم کي جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حاصل ٿي ۽ اها روايتي نظام جي متبادل طور سامهون اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي اسلامي ب??نڪاري تحت منافع?? ۾ ??ڪ جهڙو شيئر مليو آهي، جنهن کي هن نظام جي خوبصورتي قرار ڏنو. ڊاڪٽر عشرت حسين اسلامي ب??نڪاري پاران نظرانداز ڪيل شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته اسلامي ب??نڪاري جي سهولت 60 کان وڌيڪ ??لڪ?? ۾ دستياب آهي ۽ چيو ته اها صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهرين ان نظام ۾ گهري دلچسپي ورتي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ٻن سالن ۾ شرو?? ڪيل سمورين اسڪيمن تي ماڻهن جو ردعمل ذڪر جوڳو هو. هن شرعي ڪمپلائنس جي نظام تحت زراعت ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبن جي لاءِ مصنوعات کي ڊيزائن ??رڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن انهن شعبن سان واڳيل ماڻهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي نجيب چيو ته اسلامي ب??نڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پوري دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. مفتي نجيب اها تجويز پڻ ڏني ته اسلامي ب??نڪاري کي ملڪ جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اسلامي ب??نڪاري ۽ حلال انڊسٽري جي فروع بابت عوام ۾ شعور پيدا ??رڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.