اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب ا??ارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب ا??ارات جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب ا??ارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب ا??ارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کا?? وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 مل??ن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر ت?? شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي اهم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کا?? ٻاهر پاڪستان جو سڀ کا?? وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب ا??ارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب ا??ارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کا?? وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب ا??ارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.