اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي 100 هين سالگرهه ۽ چيني عوام جي غربت جي خاتمي لاءِ بي مثال ڪاميابين تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان ??وجب وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي جي سئو سال ۾ چين کي غربت مان ڪڍڻ، چار ڏهاڪن ۾ سڌارن ۽ ترقي تي به مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪٻئي کي مبارڪباد به ڏني. ان ??وقعي تي عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ چين جي قدمن ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ چين جي ا??داد ۽ پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ تعاون کي ساراهيو، ڪورونا وائرس جي وبا جي عالمي معيشت تي منفي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ، چين پاڪستان آزاداڻي واپار جي ٻي مرحلي مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم سي پيڪ جي منصوبن جي ڪاميابي، وقت سر ۽ اعليٰ معيار موجب عملدرآمد کي ساراهيو ۽ سي پيڪ خصوصي ا??تصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايم ايل ون ريل??ي منصوبي جي فوري آغاز سان ??اڪستان جي قومي ۽ علائقائي ترقي جي جيو اڪنامڪس ويزن لاءِ اهم ??ڳڀ??ائي ٿيندي، وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي خاتمي لاءِ چين جي قائداڻي ڪردار کي به ساراهيو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ پاڪستان جي بلين ٽري سونامي منصوبي سميت ٻين قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ۽ سي پيڪ گرين ڊولپمينٽ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ا??ٽيو جي اعليٰ معيار موجب فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افعانستان جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن عالمي برادري کي ا??يل ڪئي ته هو افغان عوام کي فوري ا??ساني ۽ معاشي ا??داد فراهم ڪري ته جيئن انهن جون مشڪلاتون گهٽ ۽ عدم استحڪام ۽ گڏيل جنگ جي روڪٿام ٿي سگهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ تعاون ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان ??وقعي تي چين جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي پنهنجي دعوت جي تجديد به ڪئي.