اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ انهن جي ??قن جي تحفظ جي عزم کي ورجائڻ آهي، اڄ اسان پنهنجي ٻارن جي لاء?? هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو عزم ڪريون ٿا، حڪومت هر ٻار کي غربت ۽ هر قسم جي تشدد کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هر ٻار کي معياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان يق??ني بڻائي رهيا آهيون ته ڪنهن ٻار سان ان جي قوميت، مذهب يا صنف جي بنياد تي فرق نه ڪيو وڃي، هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ماحولياتي تبديلي جي سخت اثرن کان بچائڻ جو به عزم ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني ٻارن جي بهتر زندگي جي لاءِ ميڊيا، معا??ري?? والدين ۽ پاڻ ٻارن کي به گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوند??، اچو وبا تي ضابطو آڻي هر ٻار جي لاءِ وبا کانپوء?? هڪ بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪريون.