اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فور?? ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي يو جي رپ??رٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاررواين جي رپ??رٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو 254 سرڪاري افيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي تي رپ??رٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيل رپ??رٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي شڪايتن ت?? ڪارروائي بابت غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. رپ??رٽ موجب پنجاب جي 154، خيبرپختو??خو??هه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪاري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپ??رٽ ۾ چيف سيڪريٽري خيبرپختو??خو??هه 39 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خيبرپختو??خو??هه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ٿي.