اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جامع ايگريڪلچر انفارميشن پلان ٺاهيو ۽ ان کي ترجيح بنيادن تي لاڳو ڪري رهي آهي، اسان جي حڪومت جو ڌيان بر??مدي صنعتن جي قيام لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ترجيحي شعبن تي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظم جو چوڻ هو ته زراعت جي شعبي جي ميڪانائيزيشن، معياري ٻج جي فراهمي، پاڻي جو موثر انتظام ۽ لائيو اسٽاڪ فارمنگ ۾ آبادگارن جي مدد ان کي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واري معاشي شعبي ۾ تبديل ڪري رهي آهي، ڪسان ڪارڊ متعارف ڪرائڻ، ڀاڻ تي سبسڊي ۽ مال جي نسل جي بهتري سان گڏ حڪومت جو مقصد گذريل سال جي رڪارڊ پيداوار جي مقابلي ۾ هن سال اڃان به وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ آهي، هن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست ??اليسين ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏيڻ جا مث??ت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جي وڌندڙ سيڙپڪاري ان اعتماد جو نتيجو آهي، جيڪا حڪومت پنهنجي موثر پاليسي قدمن سان حاصل ڪيو آهي. اجلاس ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. و??ير??عظم کي ايگريڪلچر ٽرانسفارنيشن پلان تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معياري ٻج جي فراهمي لاءِ منظوري کانپوءِ فنڊن جي فراهمي جو عمل تيزي سان جاري آهي، چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ ۽ جنياتي بهتري لاءِ سيمن جي درآمد جي تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، مال پاليندڙ ڀاڳين جي مدد لاءِ پنجاب ۾ 9211 سروس بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ??لو??ستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ به جلد بحال ڪئي ويندي. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال ۾ مدد جو منصوبو به تقريبن مڪمل آهي ۽ مشينري ورهائڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، مشينري جي استعمال سان نه رڳو في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر آبادگارن جي في ايڪڙ مجموعي لاڳت ۾ به گهٽتائي ايندي، زرعي مدد لاءِ انفارميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جو نظام به پڄاڻي جي ويجهو آهي جنهن تحت آبادگارن ۾ آگاهي پکيڙي ۾ به مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ تحقيقي ادارن ۾ تجويز ڪيل سڌارن جو لاڳو به تيزي سان جاري آهي، ان ڳالهه لاءِ چين جي ايگريڪلچر ريسرچ اڪيڊمي جي تعاون سان زرعي جدتون متعارف ڪرايون وينديون و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو ويو ته زرعي تحقيق ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي ۽ درآمدي فصلن جي تعارف ۽ پيداوار تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جهينگي جي فارمنگ لاءِ پنجاب ۽ ??لو??سان ۾ هيچريز قائم ڪيون ويون آهن جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو. زيتون جي 20 هزار ايڪڙ تي پوکي لاءِ ٻوٽن جي درآمد شروع ڪئي وئي آهي، و??ير??عظم کي يوريا ۽ ڊي اي پي جي ذخيرن اندوزن ۽ ناجائز منافع خورن جي خلاف آپريشن ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۽ ڀاڻ جو ذخيرو ڪندڙن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت ننڍا وڏا 21 اڪنامڪ زونز فعال آهن، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي، ڌاٻيجي ۽ بوستان چار وڏا اڪنامڪ زونز آهن، سيڙپڪار بورڊ پاران ون اسٽاپ شاپ ماڊل تيار آهي جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو، ون اسٽاپ شاپ سيڙپڪارن کي بجلي، گئس پاڻي ۽ تعميراتي پرمنٽ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن مان منظورين لاءِ هڪ گڏيل ڪمپلائينس رجيم به بڻايو ويو آهي، اجلاس ۾ اين او سي ۽ مپلائنس جي منظوري لاءِ مينيجمينٽ ڪمپنيز جي تجويز به پيش ڪئي وئي، و??ير??عظم قدمن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.