اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي ه??ايت ڪئي آهي، نيشنل بئنڪ فراڊ سبب متاثر شهري کي 5 لک روپين جي رقم لازمي واپس ڪري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ??يان موجب صدر چيو ته افسوس آهي ته بئنڪ پنهنجي ئي مينيجر جي هٿان فراڊ جو نشانو بڻجندڙ صارفين کي انصاف نه ڏئي رهيو آهي، فيصل آباد جي شهري محمد عبدالرشيد بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وقت 5 لک روپيا بئنڪ مئنيجر وٽ جمع ڪرايا، اڳوڻي برانچ مينيجر اختر حسين صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد شهري کي ڏني پر رقم اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائي جڏهن ته 56 شهرين سان فراڊ جي ذريعي 9 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ڦٻائي وئي، شهري ??ئنڪ کان رقم واپسي لاءِ رابطو ڪيو پر ڪو به رليف نه ملي سگهيو جنهن تي شهري ??نصاف حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ محتسب کي درخواست ڏني جنهن رقم واپسي جو حڪم ڏنو، نيشنل بئنڪ رقم واپس ڪرڻ جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي ه??ي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪ مينيجر جي صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد درست آهي ۽ بئنڪ ان جي پابندي جي مجاز آهي، شڪايت ڪندڙ درست رسيدن تي بئنڪ احاطي ۾ حاضر سروس بئنڪ مينيجر کي رقم جمع ڪرائي، بئنڪ مينيجر جو قدم بي ضابطگي ۽ بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر چيو ته بئنڪ شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ رد ڪ??ڻ ۽ پنهنجُون قانوني ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، بئنڪ محتسب جو فيصلو ??د ڪ??ڻ جو ڪو به جواز پيش نه ڪيو ان لاءِ اپيل رد ڪ??ي وڃي ٿي.