اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان جي چين جي دوري جي دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم سميت مختلف ڪاروباري شخص??تن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪتاب پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تيار ڪيل پچ بڪ ۾ شعباجاتي بن??اد?? تي تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حامل شعبن ۽ حڪومت پاران انهن شعبن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ تفصيل موجود آهن، پاڪستاني وفد جا ميمبر چين جي دوري جي موقعي تي اهو ڪتاب چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخص??تن کي پيش ڪندا. ان ڪتاب جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ آهي.