اسلام آ??اد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪ?? ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م شهباز شريف چيو ته حڪ??مت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته 5 سال گذري وڃڻ جي باوجود پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد ??ڪمل ڪرڻ جو حڪ?? ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي حڪ??مت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا جمود جو شڪار رهيا.