اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مران خان جون تباهه ڪيل حالتون اسان سنڀالي رهيا آهيون، جيڪو عوامي خيال اقتدار وڃڻ کانپوءِ ياد اچي، اهو منهن تي چماٽ هوندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل جو ??ظهار ڪندي هن چيو ته ??ڪومت توهان جي معاشي دهشتگردي جي اثرن جي ڀنور مان ڪڍي رهي آهي، توهان جي تڪبر، ضد، انتشار ۽ نفرت انگيز سياست جي اثرن کان ملڪ کي پاڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته چار سال ۾ ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻندڙن هر شعبي ۾ تباهي جا داستان ڇڏيا آهن.