اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي ده??تگردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار ??اء?? هتي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ساڻس گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در ن??ل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، ده??تگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ده??تگردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن، پرڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.