اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ??ان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنجاب م??ن بابر حسن ڀروانه جڏهن ته خيبرپختونخوا ??ان جسٽس (ر) اڪرام الله خان کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اهي مقرريون آئين جي آرٽيڪل 218 (2) بي تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪيون ويون آهن. ٻئي جايُون اڳوڻن ميمبرن جي رٽ??ئرمينٽ کانپوءِ خالي ٿيون هيون.