رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زو??ز جو خاص طور ننڍن صوبن ۾ قيام خوش آئنده آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو ??ڃ??، انهن کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ??يندو، ايندڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ۾ خصوصي اقتصادي زو??ز جي دوري دوران اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، اسعد محمود کانسواءِ چيني ڪمپنين جا نمائندا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته اهو ان جو وزيراعظم طور ڪنهن به خصوصي اقتصادي زون جو پهريون دورو آهي، هن بلوچستان ۽ خيبرپختونوا سميت آبادي جي لحاظ کان ننڍن صوبن ۾ خصوصي اقتصادي زو??ز جي قيام کي خ??ش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان زو??ز جي قيام سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، پيداوار جي ترقي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، وزيراعظم چيو ته انهن صوبن جي ڪري ايندڙ وقت اسان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو. هن چيو ته بيجنگ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ 9 خصوصي اقتصادي زو??ز جي منظوري ڏني وئي، پر بعد ۾ حالتون بدلجي ويون، هن چيو ته چين ۾ ليبر مهانگو ۽ پاڪستان ۾ سستي آهي، هتي هنرمند ۽ نيم هنرمند افرادي قوت دستيا?? آهي، پاڪستان چيني ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندو آهي، چيني ڪمپنين مختلف منصوبن تي بهترين ڪم ڪيو آه??، اسان جو عزم آهي ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زو??ز جي تعمير مقرر وقت تي ڪئي وڃي، هن چين جي دوستي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ماضي ۾ هڪٻئي جو ساٿ نڀايو آهي، وزيراعظم چيو ته ان کي هتي اچي تمام گهڻي خ??شي ٿي آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ??يندو ۽ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلا آهن ته انهن کي گڏجي ختم ڪيو ??يندو. هن پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جون ڪمپنيون هڪٻئي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون.