اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ??ن عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ??ار??ي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ??ستحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته استحصال ڏهاڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عالمي برادري ڪشميرين جي ??ار??ي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ??ن عزم سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ??ار??ي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائينداسين. هن چيو ته اس??ن عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ??ار??ي ظلمن ۽ ??ار?? جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي جو انسانيت جي ناطي نوٽيس وٺي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ ??ڻوڻندڙ ??لوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان تي عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.