اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن و??لٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ رانديگرن ا??ان جا ڳاٽ فخر ??ان بلند ڪري ڇڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي انهن ??ان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم ??ون??، شريف طاهر، زمان انور ۽ انعام بٽ چاند??، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن و??لٿ گيمز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر ??ان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چيو ته هو انهن سمورن ايٿليٽس ??ان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن و??لٿ گيمز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آهن جيڪي محنت ۽ لڳاءُ ??ان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه ??اريو، محنت جاري رکو.