اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين ج?? سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين ج?? آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيل?? ۾ ??هندڙ قيدين ج?? سزائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن ج?? لاءِ باقي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون ج??ڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن ج?? لاءِ باقي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين ج?? سزا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين ج?? سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.