اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحال?? جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، دادو – خضدار ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي آهي، وز??راعظم بجلي جي سپلائي جي بحالي کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي دادو – خضدار ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي آهي. دادو – خضدار ٽرانسميشن لائين جي بحالي سان ٻوڏ کان متاثر وچ بلوچستان جي هڪ وڏي حصي کي بجلي جي سپلائي بحال ٿي وئي آهي جڏهن ته سبي کان ڪوئيٽا ٽرانسميشن لائين، جنهن جا 10 ٽ??ور ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري ڪري پيا هئا، انهن تي بحال?? جو ڪم 10 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي وڃڻ جي اميد آهي. سبي کان مڇ ٽرانسميشن لائين تي به بحال?? جو ڪم جاري آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن جي بجلي جي بحال?? جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي. وز??راعظم بجلي جي سپلائي جي بحالي کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.