اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سي??ري??ري جنرل چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ ا??ن جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثر??ن جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. ??ن چيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري کي پاڪستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ??ن چيو ته پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ويجهو آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻ?? پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. ??ن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سي??ري??ري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پاڪستان جي هٿياربند فوج متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل جا پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سي??ري??ري جنرل کي ان مقوعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران متاثر??ن جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.