اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو مجموعي تعداد وڌي 1486 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ما??هو فوت ٿيا، برساتن جي موسم جي آغا کان هن وق?? تائين 12749 ما??هو زخمي ٿيا آهن. نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) معمول جي بنياد تي 24 ڪلاڪن جي صورتحال جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيل شديد برساتن جي ڪري مجموعي طور تي جاني، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي په??ل نقصانن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب تيز برساتن ۽ طوفاني ٻوڏ سبب متاثر مختلف علائقن ۾ فوتگيون ٿيون آهن، بلوچستان ۾ قلعه سيف الله ۾ هڪ مرد، عورت ۽ ٻار فوت ٿيو، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ هڪ ما??هو ۽ ٻار جي فوت ٿين ۽ هڪ ما??هو جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، گلگت بلتستان، پنجاب، سنڌ ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪو به حادثو يا نقصان ناهي ٿيو، انگن اکرن موجب تيز برساتن سان بلوچستان ۾ 300 ڪلوميٽر رستن کي نقصان په??و جڏهن ته 10336 چوپايو مال مري ويو جڏهن ته تيز برساتن جي واقعن ۾ 5091 گهرن کي نقصان په??و جنهن ۾ 2166 مڪمل طور تي تباهه ۽ 2925 کي جزوي نقصان په??و، هن وق?? تائين ٿيندڙ مجموعي نقصانن موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن جي ڪري تقريبن 12718 ڪلوميٽر روڊ، 390 پل ۽ 1760372 گهرن ۽ 918473 چوپائي مال کي نقصان په??و آهي، اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 81 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو جنهن ۾ تقريبن 33,046,329 ما??هو متاثر ٿيا، مختلف امدادي ڪاررواين ۾ 179281 ماڻهن کي بچايو ويو ۽ 546288 ما??هو ڪيمپن ۾ ره?? پيا. نقصانن جي ڪاٿي لاءِ بلوچستان جي 30 ضلعن ۾ گڏيل سروي شروع ڪيو ويو ۽ سروي لاءِ 32 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، 25 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، گلگت بلتستان ۾ 4 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جنهن 12 سيپٽمبر کان سروي شروع ڪئي ۽ 20 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پنجاب ۾ ٽي سروي ٽيمون فيلڊ ۾ مقرر ڪيون ويون آهن جنهن 12 سيپٽمبر کان سروي جو آغاز ڪيو ۽ 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 6 ٽيمون سروي شروع ڪرڻ لاءِ موجود آهن جيڪي 15 سيپٽمبر کان شروع ٿي ۽ 15 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪيو ويندو، سنڌ ۾ سروي جو عملي طور تي 25 سيپٽمبر کان آغاز ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.