اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي 1973ع جي آئين جي آر??يڪ?? 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ??يڪ??ڊڪ پراجيڪٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي سم??ي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان کان اڳ ناڻي واري وزير ۽ ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽيد جي شيئر هولڊرز جي سربراهي ۾ ايپڪس ڪميٽي هن سال مارچ ۾ ??يڪ??ڊڪ پراجيڪٽ جي ??ل ۽ بحالي جي لاءِ هڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو هو. وفاقي ڪابينا 30 سيپٽمبر تي پنهنجي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي قانون جي ڪجهه سوالن جي حوالي سان آئين جي آر??يڪ?? 186 تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. ان مان پهريون سوال اهو هو ته سپريم ڪورٽ جو پهريون فيصلو مولوي عبدالحق بلوچ نالي فيڊريشن آف پاڪستان ملڪي آئين، قانونن يا عوامي پاليسي وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت کي ??يڪ??ڊڪ معاهدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ٿي يا ان جي صد??قت تي اثرانداز ٿئي ٿي. ٻيو اهو ته جيڪڏهن تجويز ڪيل غيرملڪي سيڙپڪاري (تحفظ ۽ فروغ) بل 2022ع لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته ڇا اهو صحيح ۽ آئيني هوندو؟