اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته ??ئنده سمورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪن??ا، حڪومت سياسي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي، قومي سلامتي کان به اهم معاشي سيڪيورٽي آهي، جيڪڏهن ملڪ جي معاشي سيڪيورٽي نه هوندي ته ملڪ معاشي طور تي مضبوط نه هوند?? ته قومي سلامتي ۽ دفاعي سلامتي کي به خطرو هوندو، هن وقت سوات ۾ افغانستان جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ان تي ضابطو آندو ويندو، پاڪستان ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن هجڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن عرب نيوز جي سالياني ڪانفرنس 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چي?? ته سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصي ک??ن ڪيتريون ئي تبديليون خاص طور تي محمد بن سليمان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آيون آهن. هن چي?? ته سعودي عرب ۾ آيل تبديلين ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو، تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان گڏوگڏ ميڊيا ۾ به تبديليون آيون، پرنٽ کانپوءِ ٽي تي ۽ هاڻي ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي، ميڊيا سدائين سوسائٽي جي تڪميل لاءِ ڪردار ادا ڪيو. دفاع واري وزير چيو ت?? پاڪستان ۾ به ميڊيا وڏي ترقي ڪئي آهي، موجوده حالتن ۾ ميڊيا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته اسان جي خطي ۾ دهشتگردي جا مسئلا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آهن، خيبرپختونخوا ۾ سياسي صورتحال سبب سوات ۽ ٻين اترين علائقن ۾ صورتحال خراب ٿي، وفاقي حڪومت صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. هن چيو ت?? پاڪستان جو يوڪرين جي جنگ ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، پاڪست??ن ڪنهن جي جنگ ۾ شامل نه آهي، اسان جي دلچسپي ته ??ها آهي ته ??من هجي ۽ گڏيل قومن جي قانونن تي عمل ٿئي. اسان آمريڪا لاءِ جنگيون وڙهيون، آمريڪا سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف آمريڪا جا دورا ڪيا جيڪي مثبت رهيا آهن.