اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڪ??ئونٽنگ ۽ ماحولياتي شعبي سميت ملڪ جي سڀني شعبن ۾ ريجنل ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي ٽولز سميت جدت کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته پاڪستان کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ ??نس??يٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪ??ئونٽنٽ آف پاڪستان (آءِ سي اي پي) جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر آءِ سي اي پي اشفاق يوسف تولا، نائب صدرن، اڪ??ئونٽنٽ ۽ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر فيصلاسازن ۽ ادارن تي زور ڏنو ته اهي هڪ موثر نظام قائم ڪن ته جيئن نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ جي لاءِ انهن جي لاڳت جو اندازو لڳائي ان جو استعمال يقيني بڻائي سگهجي ۽ ترقي يافته دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ ان کي تيزي سان اختيار ڪرڻ جي لاءِ انتظامي ۽ معاون ڍانچو جوڙيو وڃي. هن سرڪاري شعبي جي لاءِ اڪ??ئونٽنٽ ۽ آٽو ميشن جي ڊبل انٽري جي نظام کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته سڄي دنيا جون معيشتون آءِ سي ٽي ۽ ڊيجيٽل ذريعن جي مدد سان آٽو ميشن تيز رفتار مالياتي ماڊلز ۽ محفوظ ڏي وٺ جي نظام جي طرف تيزي سان منتقل ٿي رهيون آهن. صدر چي?? ته پاڪستان تي چارٽرڊ اڪ??ئونٽنٽ سميت تربيت يافته ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ انهن کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ آڻڻ ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته روايتي تعليمي نظام جي ابتڙ هائبرڊ ۽ آن لائين تعليم سان گريجوئيٽس جي انگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چي?? ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام تي به غور ڪرڻ گهرجي ڇو ته صنعت ۽ مارڪيٽ کي هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز جي پروگرام کي ساراهيو، جنهن سڄي پاڪستان ۾ مستحڪم تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ لکين ماڻهن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالياتي ۽ اڪ??ئونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماهرن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني ڪن ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ک??نس??اءِ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙين ۾ مدد فراهم ڪري. هن چي?? ته هر ماڻهو جي اها اخلاقي ذميواري آهي ته هو هڪ صحتمند معاشري کي وڌائڻ جي لاءِ بدعنواني، ڏوهاري سرگرمين ۽ هراسان ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪن. صدر چي?? ته قانونن جو لاڳو، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ، قانون جي مناسب عمل جي ذريعي انصاف جي فراهمي ۽ ماڻهن م خوداحتسابي ۽ تقويٰ جو جذبو معاشري جي سطح تي بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ڪندو. ??نس??يٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪ??ئونٽنٽ آف پاڪستان جي صدر تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته هن جو ادارو پاڪستان ۾ اڪ??ئونٽنگ جي شعبي جي ريگيوليٽري باڊي آهي ۽ ان جا 9 هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن، جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چي?? ته آءِ ڪيپ پاڪستان ۾ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي ۽ هو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ايف بي آر ۽ مختلف وزارتن سميت اهم پاليسي ساز ادارن ۽ ريگيوليٽري ادارن سان تعاون ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ صدر اڪ??ئونٽنگ جي مختلف شعبن ۾ امتيازي تعليمي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي گولڊ ميڊل ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو.