اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف اڄ اڳاري تي ڪوپ 27 جي هائي ليول سيگمنٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي نارويجين هم منصب سان گڏ ”ڪلائميٽ چينج اينڊ سسٽين ايبلٽي آف ولنر ايبل ڪميونٽيز“ جي عنوان سان اهم رائونڊ ٽيبل جي گڏيل صدارت ڪندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جو ڪانفرنس آف پارٽيز جي 27 اجلاس ۾ شرڪ?? جي لاءِ شرم الشيخ مصر جي دوري تي آهي ا?? وزيراعظم محمد شه??از شريف جرمن چانسلر ۽ گهانا جي صدر جي گڏي?? ميزباني ۾ ٿيڻ واري اهم اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ان اجلاس جو عنوان ”سڪيلنگ اپ ايڪشن اينڊ سپورٽ آن لاس اينڊ ڊيميج _ گلوب?? شيلڊ اگينسٽ ڪلائميٽ رسڪ“ آهي. ان کان علاوه وزيراعظم محمد شه??از شريف ان موقع تي اهم عالمي ا??واڻن سان ملاقاتون به ڪندو.