اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي حفاظت جي ??اء?? ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي تدارڪ جي ??اء?? سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي جائزه ا??لا?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي. ا??لا?? ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ??ني، چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريرين وزيراعظم کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ??ني ۽ امن امان جي ??اء?? قدمن کان آگاهه ڪيو. ا??لا?? ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ آءِ جي اسلام آباد وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي راشن الائونس کي وڌائي باقي سمورين فورسز جي برابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزيراعظم ??يشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام ??اء?? صوبائي سي ٽي ڊيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزيراعظم چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا ا??لا?? باقاعدگي سان منعقد ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.