اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فٽبال جي فروغ لاءِ عالمي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۽ رانديگرن جي هر سطح تي ڀرپور حوصلا افزائي ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان عالمي حصيدارن سان رابطو وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان فٽبال فيڊري??ن جي لاءِ فيفا جي مقرر ڪيل ن??رملائيزيشن ڪميٽي کي ملڪ ۾ فٽبال جي معاملن بابت مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪستان جي مردن ۽ عورتن جي قومي فٽبال ٽيمن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران فيفا جي مقرر ڪيل ن??رملائيزيشن ڪميٽي جو چيئرمين ??ارون احمد ملڪ ۽ ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا. صدر رانديگرن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال ڪافي مقبول آهي ۽ ملڪ ۾ ان راند جا لکين شائقين آهن، فٽبال کي ضلعي ۽ ڪلب جي سطح تي فروغ ڏنو وڃي. هن رانديگرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجو ملڪ جو وقار بلند ڪرڻ ۽ تشخص کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن ڇو ته اهي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جا سفير آهن. هن وڌيڪ چيو ته کيس رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته اهي علائقائي ۽ عالمي مقابلن ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪندا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان فٽبال فيڊريسن (پي ايف ايف) جي اندروني سياست ان جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيفا جي مقرر ڪيل ن??رملائيزيشن ڪميٽي جي مدد سان پي ايف ايف جي ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري ايندي. فيفا جي مقرر ڪيل ن??رملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين ??ارون احمد ملڪ صدر کي بريفنگ ڏني ته پاڪستان ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو فٽبال کيڏن ٿا، فيڊري??ن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته عورتن جي قومي ٽيم 8 سالن کانپوءِ ۽ مردن جي قومي ٽيم 4 سالن کانپوءِ پنهنجو پهريون عالمي مئچ کيڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين ??لڪ جي 163 ضلعن مان اٽڪل 4600 ڪلب رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ دستاويز ۽ فزيڪل اسڪروٽني جو عمل مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مردن جي ٽيم 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته عورتن جي قومي ٽيم هن سال پيرس 2024?? جي اولمپڪس ڪواليفائرز ۾ کيڏندي.