باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ اجاري شهر (قديم باڪو شهر) جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي اجاري شهر ۾ مختلف تاريخي عمارتن ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي اجاري شهر ۾ قديم م??تا?? ڪاروان سرائي جو پڻ دورو ڪرايو ويو، جتي قديم شاهراهه ريشم تي سفر ڪندڙ واپاري قافلا گذرندا ??ئا. وزيراعظم کي ميوزيم ۾ قديم نوادرات پڻ ڏيکاريون ويون.