اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن کي ??امع تعليم ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن کي ??ام اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ استادن کي ??ربيت ڏني وڃي، منفرد صلاحيتن وارن ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هو منفرد صلاحيتن وارن ٻارن جي تعليم بابت ماهرن سان ملاقات ڪري رهي هئي. خاتون اول خصوصي ٻارن جي تعليم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ماهر ڊاڪٽر فوزيه خان سان ملاقات ڪئي. خاتون اول عالمي صحت واري ا??اري، نجي تعليمي ا??ارن جي ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن طرف امتيازي سلوڪ جو خاتمو ڪرڻو پوندو، بيگم ثمينه علوي پاڪست??ن ۾ ماسٽر ٽرينرز کي ??صوصي ۽ جامع تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏيڻ ۾ آمريڪي تعليمي ماهر جي دلچسپي کي ??اراهيو. هن چيو ته عالمي معيار جي خصوصي تعليم جي تربيت سان پاڪستاني ا??تاد فائدو کڻن، خصوصي ٻارن کي نجي ۽ سرڪاري ا??ارن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ استادن جي نشاندهي ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. ملاقات ۾ خصوصي ۽ جامع تعليم جي لاءِ هيستائين ڪيل قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جامع ڪلاس روم ۾ خصوصي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن خصوصي ٻارن جي تعليم جي لاءِ استادن جي تربيت جي شروعات پرائمري سطح کان ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو.