اسلام آباد_ 09 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مادر ملت محت??مه فاطمه جناح کي سندس 56 هين يوم وفات تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر ملت محت??مه فاطمه جناح قوم لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي، قوم تي سندس اح??ان آهن. وزيراعظم چيو آهي ته محت??مه فاطمه جناح باباءِ قوم لاءِ همٿ ۽ حو??لي جو ذريعو هئي، هن آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو ، ع??ام جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون، محت??مه فاطمه جناح اڄ به عورتن ۽ نياڻين لاءِ مشعل راه آهي، هن چيو ته قوم مادر ملت کي پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ قوم سندس اح??انن کي هميشه ياد رکندي.وزيراعظم قوم کي مادر ملت جي بلند درجات لاءِ دعا کي اپيل ڪئي.