اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته بدترين ??يڊ??ا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ جي سياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مون کي ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جن??ن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪ??و وڃي اهو گهٽ آهي. هن چيو ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ برطانيا جي عالمي ??اک رکندڙ نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٽن مل??ن ۾ 40 سال جو رڪارڊ ٻن سالن تائين کنگاليو ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسان کي ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ به الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جنهن ۾ ناحق مون کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪ??و ويو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رک??و ويو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي باوجود حمزه کي ڊاڪٽر وٽ به نه موڪل??و ويو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ“ احتساب، بدترين ??يڊ??ا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته انتقامي ??نڌيرنگري جي ان ڪاري دور ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ، اسان جي بيگناهي تي اعتماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.