اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب دولت مش??رڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجل??س منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ اهو ايندڙ سال سا??وا ۾ ٿيندڙ دولت مش??رڪه جي حڪومتي سربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جي ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مش??رڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مش??وليت جي لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مش??رڪه ۽ پاڪستان حڪومت 2023ع کي ”نوجوانن جو سال“ طور ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمنٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي ??عبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.