اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان ت?? گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ ج?? مطالبو ڪ??يون ٿا. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وزيرا??ظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ ج?? ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري ک?? گهيريل غزه تائين فوري طور ت?? گهربل امدادي سامان جي چرپر جي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ ج?? لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ ج?? لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.