اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪس??ان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪن??ي ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيني نائب پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪس??ان چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي دوري کي ياد ڪن??ي نگران وزيراعظم چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي پاڪس??ان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب پرڏيهي وزير ملاقات تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس دوري دوران ٿيندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيني قيادت پاران نگران وزيراعظم کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪس??ان ”مضبوط ڀائر“ آهن. هن يقين ڏياريو ته چين پاڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.