اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبا??ڪب??د پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي ??عاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجا??ُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف عل?? زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مبا??ڪب??د ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبا??ڪب??د ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان صدر آصف عل?? زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبا??ڪب??د جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.