اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم انو?? ابراهيم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم انو?? ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انو?? ابراهيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.