اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر شيخ هزاع بن سلطان بن زا??د آل نهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعطم شيخ هزاع بن سلطان بن زا??د آل نهيان جي لاڏاڻي تي يو اي اي جي صدر شيخ م??مد بن زايد النهيان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردو ۾ جڳهه عطا فرمائي. يو اي اي جي ميڊيا جي ذريعن م??جب مرحوم شيخ هزاع بن سلطان بن زا??د آل نهيان، شيخ سلطان بن زايد النهيان جيڪو 2019ع ۾لاڏاڻو ڪري ويو هو، ان جو فرزند هو.