اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عد??لت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين ??ي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عد??لت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عد??لت جي فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين ??و ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذ??ئي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين ??ي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.