اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بري امام جي عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظامن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، اڳوڻي ايم اين اي حنيف عباسي، جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، سهيل اقبال ڀٽي، گوهر زا??د ملڪ، انعام رباني، محسن رضا نقوي ۽ ٻين اعل??ٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلا?? ۾ ??ضرت بري امام رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪيا وڃن. هن عر?? ۾ ??رڪت ڪندڙ عورت پانڌيئڙن لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪامپليڪ?? ۾ ??اص انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي ۽ چيو ته تقريبن جي دوران پانڌيئڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه اچڻ گهرجي. اجلا?? ۾ ??رس جي انتظامن جي سلسلي ۾ خصوصي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي جنهن ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻيا عملدار شامل هوندا.