اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پ??ڪس??ان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس کان اڳ هڪ وزارتي اجلاس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي، اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 2024ع پ??ڪس??ان ۽ ايس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پ??ڪس??ان وٽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پ??ڪس??ان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آ??تا??ه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازق??تا?? ۾ آ??ي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پ??ڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آ??تا??ه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اڳ ۾ پ??ڪس??ان – آذربائيجان – ترڪيه ٽه ڌ??يي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثقافت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي تعاون جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ڌ??يي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هي سربراهي اجلاس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي اسپيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي سطح تي ٽه ڌ??يي مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.