اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽ??ي جي سفير ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽ??ي ٻه طرفن پارلياماني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چ??و ته پاڪستان اٽ??ي سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چ??و ته پاڪستان اٽ??ي سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻ?? سگهجي ٿو، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽ??ي جي سفير اسپيڪر جي اٽ??ي لاءِ خير سگالي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽ??ي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.