ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??يو آهي ته 5 آگسٽ واري ڏينهن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ ک??يو ويو. والاريل ڪشمير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي ده??تگ??دي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪشمير جي تاريخ کي هندستان جبر وسيلي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي سڄي قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خوداراديت واري حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهند??سي??. والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هندستان ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ ??اق?? جو استعمال ڪيو. عالمي برادري هندستان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.