اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) صدر م??لڪت آصف علي زرداري قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر م??ڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽا لڳائيندي ڳالهين دو??ان ڪيو. صدر م??لڪت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳايو، 18 آگسٽ پاڪستان ۾ سانوڻي ۾ وڻ لڳائڻ جي قومي ڏينهن طور م??هايو وڃي ٿو. صدر م??لڪت چيو ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوام موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر م??ڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سول سوسائٽي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪن. صدر م??لڪت چيو ته نم ماحول دو??ت وڻ آهي جنهن جا بيشمار ماحولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. صدر م??لڪت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت عظميٰ جي حيثيت سان پهرين حڪومتي دو?? ۾ موسميات جي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پهرين دو?? ۾ وڻ لڳائڻ جي مهم جي شروعات ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ نم جا وڻ لڳايا ويا. صدر م??لڪت چيو ته اڄ پاڪستان ۾ وڌندڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي وڻ لڳائڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ڪري نوجوان ۽ سول سوسائٽي سانوڻي جي موسم ۾ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن. صدر م??لڪت چيو ته بهتر ماحول لاءِ پنهنجي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. صدر م??لڪت چيو ته سانوڻي جي وڻڪاري مهم ٻيلن ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ماحول کي صحتمند ۽ صاف ??ڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ٻيلن ۽ ساوڪ ۾ واڌ اسان جي ماحول کي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. صدر م??لڪت چيو ته پاڪستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي مينگرو وز لڳايا ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳائڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. صدر م??لڪت چيو ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ساوڪ ۽ ٻيلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.