اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين سياسي ??ار??ين کي گڏجي هلڻ گهرجي، پاڻ ۾ الجهيل هونداسين ته ??ار??يامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪرڻ گهرجي پر حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق جمهوريت جي لاءِ فيبروري 2002ع ۾ پيپلز??ار??ي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ان کان اڳ اسان جي تلخ تاريخ رهي هئي، ٻنهي ??ار??ين آئين جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مئي 2005ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون، ان کانپوءِ ٻين سمورين سياسي ??ار??ين کي به دعوت ??ني وئي، ان ۾ عمران خان پاڻ موجود هو، ان دستاويز جي سڀني ??ار??ين توثيق ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ئي الجهيا رهياسين ته ??ار??يامينٽ جو وقار مجروح ٿيندو. گذريل حڪومت جي دور ۾ جيڪڏهن پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا ته ضروري نه آهي ته هاڻي به جاري نه ٿين. هن چيو ته جنهن ڪميٽي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هو ان ڪميٽي جي تائيد ڪري ٿو، اسان کي کليل دل سان ڏسڻ گهرجي ته اهو ملڪ جيڪو 2017ع تائين دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، اهو 2022ع ۾ 47 هين معيشت ڪيئن بڻيو. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته دهشتگردي جي خاتمي تي اربين ڊالر خرچ ٿيا ۽ دهشتگردي ختم ٿي ته ڪهڙا سبب آهن جو اها دهشتگردي ٻيهر تيزي سان ڪَر کڻي رهي آهي. اسان کي ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. پراڊڪشن آرڊر اسپيڪر جو استحقاق آهي، اسپيڪر سمورين ??ار??ين جي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي لاءِ جينوين ٽي آو آرز ڏي ته جيئن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن رستي جو تعين ٿي سگهي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل معاونت فراهم ڪندي.