اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحول دوست معيشت کي هٿي ڏيڻ ??ان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرف??ن جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گرين معيشتن کي هٿي ڏيڻ ??ان ملازمت?? جي انگ ?? واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ڪارب??ن جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول دوست ملازمتن ۾ عورت?? جي نمائندگي جي شرح مرد?? جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. عورت?? جي ڀيٽ ۾ مردن کي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ گرين ملازمتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عورتن کي مرد?? جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ اجرت ملي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ۾ عورت?? جي شرڪت ?? واڌ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ??ان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ تعليم ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. رپورٽ مطابق انهن ملڪن ۾ جتي عورتن کي برابريءَ جا موقعا ڏنا پيا وڃن اتي ڪارب??ن جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر وڌيڪ اثرائتو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سمورن ملڪن ??ان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏئي ماحول دوست معيشت جي ترقي ۾ مدد لاءِ قدم?? جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.