اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄ?? دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ما??هن جي حقن، فلاح ۽ بهبود ??ي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄ?? دنيا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄ?? دنيا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ??رق?? يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ما??هن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ما??هن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود ??ي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.