راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پا?? فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا ??ي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پا?? فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا ??ي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پا??ستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا ??ي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پا?? فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پا??ستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ??نگ ۾ پا?? فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيشيا ??ي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ به??ر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ ملائيشيا ??ي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منع??د تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.