اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 10 ايف سي جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ ش??ادت مانيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جوانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر واقعي ۾ ش??يد ٿيندڙ جوانن جي ??ونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي ??اءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.