اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چ??و آهي ته مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوجوانن کي وڌ کان وڌ تعليم ۽ سکيا جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، اهي موقعا نه رڳو تعليمي ادارن ۾ فراهم ڪيا ويندا بلڪه مختلف فني ۽ ڪاروباري مهارتن وارن پروگرامن ذريعي پڻ فراهم ڪيا ويندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد ڪاليج ۾ ٽن ڏينهن واري پاڪستان لرننگ فيسٽيول جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته اڄ جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دور ۾ صرف ڪتابي تعليم ڪافي ناهي، جديد مهارتون حاصل ??رڻ ضروري آهن.هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارن ۽ خانگي شعبي جي حصيداري سان بهترين م??قعا فراهم ڪري سگهي ٿي. نوجوان انهن م??قعن ذريعي پنهنجي صلاحيتن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪري قوم جو مسقبل سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم واري وزارت کي تجويز ڪريان ٿو ته فيسٽيول کي ريلوي واري وزارت سان سهڪار ڪري هر ضلعي تائين وٺي وڃي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چ??و ته ايم بي اي جي ڊگري حاصل ??رڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ ترقي جا وڏا موقعا هوندا آهن جڏهن ته هو ڊگري حاصل ??رڻ کانپوءِ واپس ملڪ آيو ۽ 93ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو، ستن سالن ۾ اهي عهدا حاصل ??يا جيڪي 10 سالن جو ٽارگيٽ هئا، هن چيو ته محنت سان پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان انشاءُ الله ايشيا جي بهترين م??ڪن ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته 2047ع ۾ خطي جا ٻه ملڪ سئو سالا آزادي جو جشن م??هائيندا ۽ ان وقت شايد اسان جو نسل نه هجي جڏهن ته اوهان 30، 35 سالن جا جوان هوندا، واعدو ڪريو ته 2047ع ۾ پاڪستان کي صف اول جو ملڪ بڻائيندا. هن چيو ته ترقي لاءِ امن، استحڪام ۽ ڀائيچاري تي عمل ڪرڻو پوندو، جيڪي ٽيمون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون آهن ۽ ڪاميابي ان ٽيم کي حاصل ٿيندي آهي جيڪا اتفاق سان اڳيان وڌي. وفاقي وزير تشدد بدران ڳالهين جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي نوجوانن کي گارين ۽ نفرت بدران بهترين تعليم ۽ اخلاق سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي.